اميتاڀ بچن پاران عامر خان سان گڏ فلم ڪرڻ جي تصديق

AMITABH--Aaamir-3916

بالي ووڊ بگ بي اميتاڀ بچن مسٽر پرفيڪشنٽ عامر خان سان گڏ فلم ۾ اچڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته عامر ۽ يش راج سان ڪم ڪرڻ سندس لاءِ وڏي فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ هو ان گهڙي جو انتظار ڪري رهيو آهي.

هڪ انٽرويو دوران اميتاڀ بچن جو چوڻ هو ته فلم جو نالو اڃا فائنل نه ڪيو ويو آهي ۽ وقت اچڻ تي يش راج پاڻ ان جا تفصيل ٻڌائيندو.

هن چيو ته فلم بابت هو  رڳو ايترو چوندو ته اها پرجوش موضوع واري فلم هوندي. اميتاڀ بچن جي نئين فلم “پــِنڪ” 16 سيپٽمبر تي رليز ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*