مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٺل ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

thul pp protest

مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٺل ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو  مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جهڙي عوامي ليڊر کي شهيد ڪندڙ جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، جيڪا رياست جي بي حسي آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي سال اڳ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، پر اڃا تائين قاتل سزا کان آجا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*