ٺل ۾ بااثر ماڻهن پاران قبرستان جي زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

thul kabzo protest

ٺل ۾ بااثر ماڻهن پاران قبرستان جي زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

  شهر جي يار محمد شاهه قبرستان جي زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته شهر جي ڪجهه بااثر ماڻهن قبرستان جي زمين تي قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پر انتظاميه انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري.

هنن چيو ته قبرستان تي قبضي خلاف هو ڪيترن ئي مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر اعليٰ اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته قبرستان جي زمين تان فوري طور قبضو ختم ڪرائي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*