ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي رپورٽر آزاد انور ڪانڌڙو تي حملي ۽ غوثپور ۾ پوليس پاران صحافين تي تشدد خلاف تنگواڻي جي صحافين احتجاجي مظاهرو ڪيو

thanwani sahafi protest

ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي رپورٽر آزاد انور ڪانڌڙو تي حملي ۽ غوثپور ۾ پوليس پاران صحافين تي تشدد خلاف تنگواڻي جي صحافين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

صحافين عطاءُالرحمان ملڪ، حبيب الله بهلڪاڻي ، صابر علي، عطاحسين ۽ ٻين  جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته ميهڙ ۾ صحافي آزاد انور ڪانڌڙو تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جيڪا  نا انصافي آهي.

هنن چيو ته آزاد صحافت ڪندڙ غوثپور جي  قلم ڌڻين تي پوليس بيگناهه تشدد ڪيو، پر ان معاملي جو به اڃا تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو آهي.

هنن  مطالبو ڪيو ته صحافي انور ڪانڌڙو تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قلم ڌڻين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*