قاضي احمد ويجهو هٿيار بند ڇهن ورهين جي نينگر کي اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جوابدارن جا پيرا کنيا پيا وڃن

qazi ahmad agwa

قاضي احمد ويجهو هٿيار بند ڇهن ورهين جي نينگر کي اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جوابدارن جا پيرا کنيا پيا وڃن.

 ڳوٺ مشاخ مان نامعلوم جوابدار ڇهن ورهين جي نينگر  دين محمد مشاخ کي اغوا ڪري ويا.

واقعي بعد علائقي واسين ۽ پوليس جوابدارن جا پيرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي بازياب ڪرائڻ جو علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

نينگر جي پيءُ هاشم مشاخ جو چوڻ آهي  ته رات دير سان هٿيار بند گهر ۾ داخل ٿي نينگر کي اغوا ڪري ويا آهن.

هن چيو ته سندن  ڪنهن به دشمني ناهي، لڳي ٿو ته ڀنگ لاءِ سندس پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي. پٽ کي فوري بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*