پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي ڪراچيءَ جي دوري تي پهچي رهيو آهي

khi imran khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي ڪراچيءَ جي دوري تي پهچي رهيو آهي، عمران خان پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ اسٽيل مل جي ملازمن جي جاري احتجاج ۾ شرڪت ڪندو، 6 سيپٽمبر تي نشتر پارڪ ۾ رٿيل جلسي کي خطاب پڻ ڪندو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي ڪراچي پهچي رهيو آهي.

پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان سڀاڻي پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندو ۽ 6 سيپٽمبر تي رٿيل جلسي کي خطاب ڪندو.

ترجمان نعيم الحق موجب عمران خان 6 سيپٽمبر تي نشتر پارڪ ۾ رٿيل پاڪستان زنده باد جلسي ۾ شرڪت پڻ ڪندو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته عمران خان سڀاڻي ملير پهچي اسٽيل مل جي بحالي ۽ پگهارن لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺل ملازمن جي احتجاج ۾ پڻ شرڪت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*