ڪراچي جي گرين ۽ اورنج لائين منصوبن جي رستي ۾ ايندڙ پائيپ لائينز جي منتقلي سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس فراهمي معطل آهي

khi gas line

ڪراچي جي گرين ۽ اورنج لائين منصوبن جي رستي ۾ ايندڙ پائيپ لائينز جي منتقلي سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس فراهمي معطل آهي، ايس ايس جي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ رات يارهين وڳي تائين گئس فراهمي معطل رهندي.

ڪراچي جي سائيٽ ايريا، نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، بفرزون ۽ يو پي موڙ سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صبح 6 وڳي کان گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهرين کي موڪل واري ڏينهن سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

گئس جي سهولت نه هئڻ سبب لاڳاپيل علائقن ۾ هوٽلز تي رش وڌي وئي آهي.

ايس ايس جي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل علائقن مان گرين ۽ اورنج لائين ميٽرو منصوبن تي ڪم جاري آهي، جنهن ڪري پائيپ لائينز جي منتقلي سبب گئس فراهمي معطل ڪئي وئي آهي، جيڪا رات يارهين وڳي کانپوءِ بحال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*