اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته عقل جا انڌا ۽ بيوقوف چئي رهيا آهن ته پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي

mola baksh

اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته عقل جا انڌا ۽ بيوقوف چئي رهيا آهن ته پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي، جمهوريت دشمنن جون جلد ننڊون حرام ٿيڻ واريون آهن.

خيرپور ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو  چيو ته پنجاب ۾ پيپلزپارٽي ختم ناهي ٿي، جلد پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سموري ملڪ جا دورا ڪندو.

مولا بخش چانڊيي چيو ته عقل جا انڌا چون ٿا ته پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي، جمهوريت دشمنن جون جلد ننڊون حرام ٿيڻ واريون آهن.

مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪجهه بيوقوف ماڻهو چئي رهيا آهن، ته پ پ رڳو علائقائي جماعت آهي، کين خبر هئڻ گهرجي ته پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي.

صوبائي صلاحڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به پاڻ کي ملڪ لاءِ قربان ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا ملڪ جو وزير اعظم رهيو پر هن پاڪستان لاءِ ڪابه قرباني ناهي ڏني پر پيپلزپارٽي قيادت جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته عوام غريبن جي خدمت ڪندڙ ۽ سرمائي دارن جي حامين کي چڱي ريت سڃاڻي ٿي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته پنجاب ۾ پيلزپارٽي جي ختم ٿيڻ بابت ڳالهيون ڪندڙ سنڌ تي ڌيان ڏين، ن ليگ جا ڪارڪن پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن.

مولا بخش چانڊيي چيو ته  2018ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ملڪ اندر حڪمران جماعت طور سامهون ايندي.

صوبائي صلاحڪار چيو ته پ پ وفاقي ۽ غريبن جي پارٽي آهي، هيءَ  پارٽي پاڪستان لاءِ ضرورت آهي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*