ميرپورخاص ۾ عورت مڙس جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار سندس معصوم ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ کيس به مارڻ چاهي ٿو

mirpure orat

ميرپورخاص ۾ عورت مڙس جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار سندس معصوم ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ کيس به مارڻ چاهي ٿو.

مٽياري جي ڳوٺ الله ڏنو ساند جي رهواسڻ ناري راڌا ڪولهڻ احتجاج ڪندي چيو ته اڳوڻي مڙس کان طلاق ملڻ بعد سندس ٻئي شادي ڪرائي وئي، جيڪو مڙس مٿس ظلم ڪندو آهي.

هن چيو  ته اڳوڻي مڙس مان کيس هڪ ڌيءُ جو اولاد هو، جنهن کي سندس مڙس ناجائز اولاد قرار ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ کيس به قتل ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته مڙس جي ظلم کان تنگ ٿي هوءُ پنهنجي مائٽن وٽ پناهه ورتي آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*