جماعت اسلامي ڪرپشن ۽ پاناما ليڪس جي جاچ ۾ رڪاوٽ خلاف 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

Siraj-Ulhaq-15816

جماعت اسلامي   ڪرپشن ۽ پاناما ليڪس جي جاچ ۾ رڪاوٽ خلاف 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  سراج الحق چيو آهي ته حڪومت احتساب ڪندڙ ادارن کي ناڪام بڻائي رهي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته پاناما ليڪس ۽ ڪرپشن جي جاچ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن.

هن چيو ته حڪومت احتساب ادارن کي ناڪام بڻائي رهي  آهي،  ان خلاف 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*