لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال جي ڊي ايم ايس جي زيادتين خلاف پيراميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي مختلف اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو

shaikh-zaid

لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال جي ڊي ايم ايس جي زيادتين خلاف پيراميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي مختلف اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته مريضن جي وارثن پاران به ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شيخ زين وومين اسپتال جي ڊي ايم ايس ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري هئڻ سبب مريض پريشانيون ڀوڳڻ تي مجبور آهن.

پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي سڏ تي چانڊڪا چلڊرين اسپتال سميت مختلف مختلف اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڊي ايم ايس ملازمن سان ظلم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندن جائز مطالبا به تسليم ناهن ڪيا ويا.

ٻئي پاسي او پي ڊيز بند هئڻ خلاف مريضن جي وارثن شيخ زيد وومين اسپتال ٻاهران مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن وچ  ۾ ڇڪتاڻ سبب سندن  مريضن کي عذاب ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.

هنن صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو ته  معاملي جي جاچ ڪري ڪرپٽ انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*