فيض گنج اسپتال کي تعلقي جو درجو نه ملڻ ۽ دوائن جي کوٽ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو

faiz ganj protest

فيض گنج اسپتال کي تعلقي جو درجو نه ملڻ ۽ دوائن جي کوٽ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احمد چانگ، مرتضي شر، خادم سنڌي، خالد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فيض گنج ۾ صحت سميت بنيادي سهولتن جي اڻهوند سبب رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

هنن چيو ته 4 لک کان وڌيڪ آبادي واري شهر  ۾ تعلقي اسپتال ناهي، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته احتجاج جو نوٽيس وٺي اسپتال کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ جاري رکي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*