تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ کيس بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي
تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جو پيڇو ڇڏڻ لاءِ کيس بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، نواز شريف ڪرپشن لڪائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ٻيو ادارو تباهه ڪري ڇڏيوآهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته نواز شريف جا پرڏيهه ۾ اربين رپين جا اثاثا آهن، سندس خلاف ڪهڙو انڪشاف ٿيو آهي جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته چوري سان نه پر ادارن کي تباهه ڪرڻ سان ملڪ تباهه ٿيندو آهي، وڏن چورن کي ڪير نه ٿو پڪڙي ننڍن چورن کي جيل موڪليو وڃي ٿو.
عمران خان جو چوڻ هو ته هو جدوجهد جاري رکندو انصاف نه مليو ته رستن تي نڪري ايندو.