سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ نئين اين ايف سي ايوارڊ بابت تياري مڪمل ڪري ورتي آهي

Murad-Ali-Shah-3916

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ نئين اين ايف سي ايوارڊ بابت تياري مڪمل ڪري  ورتي آهي، ٻين صوبن کي به 31 ڊسمبر تائين تياري مڪمل ڪرڻ گهرجي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ نئين اين ايف سي ايوارڊ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين ٽنهي صوبن جا ناڻي وارا سيڪريٽري شريڪ ٿيا.

سنڌ جي وڏي وزير سيدمراد علي شاهه اجلاس ۾ سنڌ جي ناڻي واري وزير جي حيثيت سان ٻڌايو ته سنڌصوبي نئين اين ايف سي ايوارڊ بابت تياري مڪمل ڪري  ورتي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن کي به اين ايف سي ايوارڊ لاءِ 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ گهرجي جئين ايوارڊ جامعاملا بهتر نموني اڳتي وڌن.

اجلاس دوران پنجاب ۾ ڊينگي وائرس پروگرام جي سربراهه عمر سعيد ڊينگي وائرس جي ڦهلاءِ ۽ ان تي ڪنٽرول جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

اجلاس کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نئين اين ايف سي ايوارڊ سميت ٻنهي صوبن ۾ امن امان ۽ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اکان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي کان لاهور پهچي  داتا درٻار تي حاضري ڀري، ان کانپوءِ گورنر هائوس پهچي گورنر رفيق رجوانا سان پڻ ملاقات ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*