صوبائي وزير منظور وساڻ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ وطن ورندو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندو

Manzoor-wasah-3916

صوبائي وزير منظور وساڻ دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هلندڙ سال ڊسمبر مهيني ۾ وطن ورندو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ٻن مهينن دوران ملڪي سياسي صورتحال ۾ تيزي ايندي، ڊسمبر جو مهينو گرم هوندو، جنهن ۾ پ پ جو اهم ڪردار هوندو.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري سياسي ۽ سنڌ حڪومت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

منظور وساڻ دعويٰ ڪئي آهي ته آصف علي زرداري ڊسمبر مهيني ۾ ڏيهه ورندو ۽ 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت به ڪندو.

صوبائي وزير چيو ته عيد کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ جا طوفاني دورا ڪندو ۽ پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر سڀ کان وڏي پاڙٽي بڻجي سامهون ايندي.

منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ٻن مهينن دوران ملڪي سياسي صورتحال ۾ تيزي ايندي، ڊسمبر مهينو گرم هوندو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو اهم ڪردار هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*