آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير ممتاز جکراڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ آبادي ايٽم بم جي صورت اختيار ڪري وئي آهي
آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير ممتاز جکراڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ وڌندڙ آبادي ايٽم بم جي صورت اختيار ڪري وئي آهي.
مٺي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ممتاز جکراڻي چيو ته ڪراچي جي آبادي ۾ روزانو 7 هزار واڌ ٿي رهي آهي، جنهن تي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سول سوسائٽي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب صورتحال خراب ٿي رهي آهي، حڪومت افغانين جي واپسي لاءِ پرعزم آهي…………..