نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي پاران بئنر لاهڻ ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabsha stp

نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي پاران بئنر لاهڻ ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن حميد ميمڻ، نثار ڪيريو، اطهر شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئون ناڪو کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.

هنن چيو ته پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پرامن جدوجهد ڪندڙ سياسي پارٽي جا بئنر ۽ پينا فليڪس لاهي ڇڏيا آهن، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*