قاضي احمد ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

wapda

قاضي احمد ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

پير محلي جي رهواسين پير راحيل، غلام مرتضيٰ ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته پير محلي ۾ گذريل پنجن ڏينهن کان بجلي جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي، جنهن سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

هنن چيو ته بجلي نه هئڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي پيو آهي، جڏهن ته گرمي سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*