سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي رحمان ملڪ

سياسي جرڳي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ معاملا حل ڪرڻ لاءِ ٻيهر رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، جماعت اسلام جي امير سراج الحق ۽  رحمان ملڪ، ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطو ڪري معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 سياسي جرڳي جي سربراهه سراج الحق ۽ رحمان ملڪ، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم سان فون تي رابطو ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن، حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم کي اپيل ڪئي ته ٻئي ڌريون ڳالهين جي ميز تي  معاملا حل ڪن ۽ ملڪ کي وڌيڪ بحران کان بچائين.

رحمان ملڪ چيو ته سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي، پي ٽي آءِ ۽ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ڳالهيون ڪن ۽ معاملن کي حل ڪن.

رحمان ملڪ جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري پي ٽي آءِ جا خدشا ختم ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*