پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جي نشترپارڪ ۾ رٿيل جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن

imran khan khi

پي ٽي آءِ پاران ڪراچي جي نشترپارڪ ۾ رٿيل جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، عمران خان چيو آهي ته بني گالا اچڻ جون ڌمڪيون ڏئي رائيونڊ مارچ کان پوئتي هٽائي نٿو سگهجي، سمورين پارٽيز کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، الطاف حسين “را” سان گڏجي ملڪ کي نقصان پهچايو، هــُو مهاجرن سان گڏ آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪراچي ۾ نشتر پارڪ ۾ رٿيل جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته الطاف حسين “را” سان گڏجي ملڪ کي ڪمزور ڪيو آهي، مهاجر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، هــُو ساڻن گڏ آهن.

هن چيو ته سندس والده به هجرت ڪري پاڪستان آئي هئي، تنهن ڪري سڀني پاڪستانين کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم نوازشريف سڳ سوڌو پڪڙجي پيو آهي، کيس بني گالا اچڻ جون ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري نٿو سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*