قمبر ۾ هاءِ اسڪول جو استاد گذريل چئن مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ سبب ذهني مرض جو شڪار ٿي ويو آهي

kamber pagal techer

قمبر ۾ هاءِ اسڪول جو استاد گذريل چئن مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ سبب ذهني مرض جو شڪار ٿي ويو آهي، استادن چندو ڪري سندس ٻارڙن کي عيد جي خريداري ڪرائي آهي.

  گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيئڻ ابڙو جو عربي ٽيچر حبيب الرحمان بروهي گذريل چئن مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ کانپوءِ صدمي ۾ ذهبي مريض بڻجي ويو آهي.

اسڪول جي هيڊ ماستر غلام مصطفيٰ کهاوڙ جو چوڻ آهي ته حبيب الرحمان بروهي جي بايو ميٽرڪ سسٽم ۾ حاضري نه هئڻ ڪري گذريل چئن مهينن کان پگهاريون روڪيون ويون آهن.

هن چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب استاد گهڻو وقت مالي پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ذهني مريض بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هاڻي هو ٻارڙن کي به پڙهائي نٿو سگهي.

هيڊ ماستر جو وڌيڪ چوڻ هو ته استاد حبيب الله کي 6 نياڻيون ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي، پگهارون جاري نه ٿيڻ سبب استادن چندو ڪري ٻارڙن کي عيد جي خريداري ڪرائي آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*