ڪراچي جي ميئر ۽ 12 مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتار وسيم اختر ڪيس تڪڙو اڪلائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Waseem-Akhtar-01-620x330

ڪراچي جي ميئر ۽ 12 مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتار وسيم اختر ڪيس تڪڙو اڪلائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، وسيم اختر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هــُو سياسي قيدي آهي، هڪ ڏينهن ۾ مٿس 20 ڪيس داخل ڪيا ويا.

12 مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتار ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه کي لکت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي.

درخواست ۾ وسيم اختر موقف اختيار ڪيو آهي ته هــُو سياسي قيدي آهي، هڪ ڏينهن ۾ مٿس 20 ڪيس داخل ڪيا ويا.

وسيم اختر درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ضمانت واريون درخواستون التويٰ جو شڪار آهن، انصاف لاءِ جلد ٽرائل جي هدايت ڪئي وڃي.

واضح رهي ته چيف جسٽس جي سينٽرل جيل جي دوري دوران وسيم اختر ڪيسز جي التويٰ ۾ هئڻ بابت شڪايت ڪئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس کيس لکت ۾ درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*