عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پورس جو هاٿي ثابت ٿيو آهي

khi shaikkh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پورس جو هاٿي ثابت ٿيو آهي، الطاف حسين ڪنهن پارٽي جو سربراهه نه پر هڪ مافيه جو ڊان آهي، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف گڏجي ملڪ جا حساس معاملا حل ڪرائين.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پورس جو هاٿي ثابت ٿيو آهي، کيس چيم ته نواز شريف سان وفاداري ڪري وڏي دشمني ڪئي اٿوَ.

هن چيو ته هــُو ٽن سالن کان چئي رهيو آهي ته پاناما ليڪس وارو معاملي جو فيصلو روڊن تي ٿيندو، هــُو امپائر واري ٿيوري تي يقين نٿو رکي پر سڀ نظر اچي پيو ته موجوده حڪومت اهل نه رهي آهي.

شيخ رشيد احمد چيو ته الطاف حسين سياسي پارٽي جو باني نه پر مافيا جو هيڊ آهي، چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کي معاملا حل ڪرڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*