ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ڪيل فِضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Thul-Fazeela-30816

ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ڪيل فِضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين فضيلا جي پيءُ عبدالرزاق سرڪي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريباز ي ڪئي.

مظاهرين چيو ته 9 سال گذري وڃڻ باوجود معصوم نياڻي فضيلا سرڪي کي بازياب ناهي ڪرايو ويو، جنهن سبب وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن.

هنن چيو ته پوليس ۽ چونڊيل نمائندا رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رهياآهن، پر فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته فضيلا سرڪي کي فوري طور بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*