وڏي وزير قائم علي شاهه پاران ميرپورخاص ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ معاوضي جو اعلان

پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فون ڪري ميرپورخاص ۾ شهيد ٿيل پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير شهيد اهلڪارن جي وارثن لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

آصف زرداري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فون ڪري ميرپورخاص ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ ٻن ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن جي شهادت واري واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير آصف زرداري سان فون تي رابطي دوران شهيد ايس ايڇ اوز ۽ اهلڪارن جي وارثن لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*