يوم دفاع جي موقعي تي پوري ملڪ جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به تقريبون منعقد ڪري 1965ع واري جنگ شهيد ٿيل فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

larkna yomy difa

يوم دفاع جي  موقعي تي پوري ملڪ جيان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به تقريبون منعقد ڪري 1965ع واري جنگ شهيد ٿيل  فوجي جوانن  کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

حيدرآباد ۾ يوم دفاع جي موقعي تي پاڪ فوج پاران جنگلي ساز او سامان جي نمائش لڳائي وئي،  جنهن ۾ اسڪولي ٻارڙن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

تقريب دوران پاڪ فوج جي جوانن پاران جنگي هٿيارن بابت شهرين کي معلومات فراهم ڪئي وئي ۽ تقريب ۾ اسڪولي شاگردن ملي نغمان پڻ پيش ڪيا.

قائد اعظم رينجرز پبلڪ ڪاليج  چونڊڪو ۾ يوم دفاغ جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي کين سلامي پيش ڪئي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي رينجرز جي سيڪٽر انچارج ڪرنل نعيم فخر ملڪ جو چوڻ هو ته 6 سيپٽمبر تي دشمن کي پاڪستان جي فوج ۽ عوام ڀرپور جواب ڏنو هو،  جيڪو کين هميشا ياد رهندو.

هن وڌيڪ چيو ته  هن وقت پاڪ فوج ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پر عزم آهي، ۽ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻڻ لاءِ ضرب عضب آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي.

يوم دفاع جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ سني تحريڪ پاران مولانا علي نواز قاسمي جي اڳواڻي ۾ بندر روڊ کان پريس ڪلب تائين يوم دفاع جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي. جنهن دوران شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*