قاضي احمد ۾ شگر مل انتظاميا پاران پگهارون جاري نه ڪرڻ ۽ ڪمند جون رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف آبادگارن ۽ ملازمن گڏيل طور احتجاجي مظاهرو ڪيو

qazi ahmad suger mill

قاضي احمد ۾ شگر مل انتظاميا پاران پگهارون جاري نه ڪرڻ ۽ ڪمند جون رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف آبادگارن ۽ ملازمن گڏيل طور احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سڪرنڊ شگر مل جي ملازمن ۽ آبادگارن اعجاز زرداري، الله بخش عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته  شگر مل انتظاميه گذريل ٻن سالن کان ڪمند جي آبادگارن کي رهتون ادا ناهن ڪيون، جنهن ڪري هو سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته انتظاميه شگر مل اندر ڪم ڪندڙ ملازمن کي به گذريل ڇهن مهينن کان رهيل پگهارون جاري ناهن ڪيون، جنهن ڪري سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪمند جي آبادگارن کي رهتون ادا ڪري شگر مل ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*