لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري قتل، ڦرن ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث 8 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

larkana ssp

لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري قتل، ڦرن ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث 8 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڏوهارين وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪارروايون ڪري 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس جو چوڻ هو ته گرفتار ڏوهارين ۾ باقراڻي ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيل نوجوان غلام حسين چانڊيو جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار ضمير عرف ضمون چانڊيو ۽ اسد چانڊيو به شامل آهن.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته باءِ پاس وٽان ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦر لٽ  ڪندڙ جوابدار شاهد ۽ محمد عرس ککراڻي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ڪامران نواز جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪلون ڦر ڪرڻ جي الزام هيٺ دلشاد ڪلهوڙو سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي  جو چوڻ هو ته گرفتار جوابدار وٽان ڦر ڪيل 3 موٽر سائيڪلون، 3 رپيٽر، 4 پسٽل ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته  ڪجهه وقت اڳ شهر جي الله آباد پاڙي ۾ ڦر دوران ڀاءُ کي بچائيندي قتل ڪيل ناري منشا ڪنول جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار سونو ابڙو جي به سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جنهن کي  هڪ مهينو اڳ ڦر جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

ايس ايس جو چوڻ هو ته ناري منشا ڪنول جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار روپوش آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ايس ايس پي ڪامران نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪندي شهر  جي مختلف هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*