ڏوهارين سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي

ميرپورخاص ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي جي نتيجي ۾شهيد ٿيل اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، بدنام ڌاڙيل ڇوٽو ناريجو سميت مارجي ويل چئن ڌاڙيلن جا لاش اسپتال ۾ پيل آهن.

ميرپورخاص جي محمود آباد واري علائقي ۾ بدنام ڌاڙيل ڇوٽو ناريجو ۽ قربان ناريجو جي موجودگي واري اطلاع تي حيدرآباد جي چئن ٿاڻن جي پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ايس ايڇ او پڃاري سميت 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص امين يوسف زئي پوليس جي وڏي نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتا، جنهن بعد فائرنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو.

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايس ايڇ او مارڪيٽ حيدرآباد واحد بخش لغاري، ايس ايڇ او اي سيڪشن لطيف آباد حسن رضا عابدي ۽ 2 اهلڪار انور جميل ۽ دلبر انڙ شهيد ٿي ويا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن ۾ غلام حسين، لئيف احمد، سجاد علي، فيصل ۽ سب انسپيڪٽر وارث شامل آهن.

پوليس جي فائرنگ ۾ بدنام ڌاڙيل ڇوٽو ناريجو ۽ قربان ناريجو پنهنجي ٻن ساٿين سميت مارجي ويا، جن تي 10، 10 لک رپيا انعام جي سفارش ٿيل هئي.

شهيد ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن جا لاش توڙي زخمين کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌاڙيلن جا لاش ميرپورخاص اسپتال ۾ پيل آهن.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي  پهريان ميرپورخاص ۽ بعد ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهچي مقابلي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي عيادت ڪئي.

مقابلي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جي جنازي نماز سول لائن حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف آفيسرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته مقابلي ۾ شهيد ٿيل آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي، شهيد ٿيل اهلڪارن جي وارثن کي نوڪريون ڏنيون وينديون.

هن چيو ته سنڌ پوليس ۾ نفري ۽ سهولتون گهٽ آهن، جنهن لاءِ نئيون ڀرتيون ڪري رهيا آهيون.

ڊي آءِ جي حيدرآباد جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن عورتن کي ڍال بڻائي رکيو، جنهن سبب پوليس جو گهڻو جاني نقصان ٿيو.

ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته بدنام ڌاڙيل ڇوٽو ناريجو ۽ قربان ناريجو اصل ۾ خيرپور ضلعي جي احمد پور واري علائقي جا رهواسي آهن، جيڪي ميرپورخاص ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هئڻ سان گڏ رڪشائن جو ڪاروبار ڪندا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيل ڇوٽو ناريجو قتل، ڦر ۽ اغوا جي ڪيترن ئي ڪيسن سميت 6 سال اڳ احمد پور ويجهو کاٽ ڳوٺ ۾ ڪمند جي ڪٽائي دوران مارجي ويل 9 پورهيتن جي قتل ۾ به ملوث هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*