سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته وفاقي حڪومت هر وقت ڪشتي لاءِ آکاڙي ۾ تيار بيٺي آهي

mola baksh

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته وفاقي حڪومت هر وقت ڪشتي لاءِ آکاڙي ۾ تيار بيٺي آهي، سندن ڏوهه ناهي لاهور جا پاوا کائين ٿا، اپوزيشن کي احتجاج کان نه روڪيو وڃي، هيوي مينڊيٽ هڪ لوڏو به برداشت نه ڪري سگهندو، نواز ليگ جي ڪجهه وزيرن وٽ لوڻ جا ٻورا ڀريل آهن، جيڪي زهر اوڳاڇي رهيا آهن.

ڪراچي پريس ڪلب ۾  پنهنجي سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي مولابخش چانڊئَي چيو ته وفاقي حڪومت ئي موجوده صورتحال جي ذميوار آهي، جلسا ڪرڻ ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ اپوزيشن جو ڪم آهي پر موٽ ۾ حڪومت کي مٺو ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته جمهوري قوتون ماڻهن کي جمهوريت کان مايوس ڪري رهيون آهن، وفاقي حڪومت هر وقت ڪشتي وڙهڻ لاءِ آکاڙي ۾ تيار بيٺي آهي، سندن ڏوهه ناهي لاهور جا پاوا ٿا کائين.

مولابخش چانڊئَي چيو ته اپوزيشن کي پاناما ليڪس واري معاملي تي احتجاج کان نه روڪيو وڃي، وفاقي حڪومت جو هيوي مينڊيٽ هڪ لوڏو به برداشت نه ڪري سگهندو.

هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت جي ڪجهه وزيرن وٽ لوڻ جا ٻورا ڀريل آهن، جيڪي زهر اوڳاڇي رهيا آهن، جن پرويز مشرف جو به ٻيڙو غرق ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*