لاڙڪاڻي ۾ پورهيت ڀائرن پاران گهر تي قبضو ڪري بي دخل ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي

larkna faimly

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت ڀائرن پاران گهر تي قبضو ڪري بي دخل ڪرڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

غوثپور محلي جي رهواسي پورهيت گلشير لغاري معصوم ٻارڙن ۽ امڙ سميت  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پورهيت ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سندس ڀائرنگ ذاتي گهر تي قبضو ڪري ٻارڙن ۽ امڙ سميت کيس بي دخل ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سندس ڀائرن کي بااثرن جي پٺ ڀرائي حاصل آهي، جنهن ڪري پوليس به سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هن مطالبو ڪيو ته سندس ذاتي گهر تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*