لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي ننڍن ملازمن پاران سن ڪوٽا، ۽ فوتي ڪوٽا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

lakan lower staf

لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي ننڍن ملازمن پاران سن ڪوٽا، ۽ فوتي ڪوٽا نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن اياز جمالي، رفيق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن کي سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا سميت پروموشنز به نٿا ڏنا وڃن، جيڪا ملازمن سان نا انصافي آهي.

هنن چيو ته مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود  ڪير  به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن جا جائز مطالبا فوري طور تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*