سپريم ڪورٽ ڪرپشن جو اعتراف ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته رضاڪاراڻي طور رقم واپس وٺڻ نيب آرڊيننس جي نظريي خلاف آهي

nab supreme

سپريم ڪورٽ ڪرپشن جو اعتراف ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته رضاڪاراڻي طور رقم واپس وٺڻ نيب آرڊيننس جي نظريي خلاف آهي، ڪرپشن ڪندڙ آفيسرز کي ٻيهر عهدي تي رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي، عدالت چيئرمين نيب ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ريفرنس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نيب اختيارن جي حوالي سان ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن کي ٻيهر عهدي تي رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نيب پاران رقم واپس وٺي آفيسرز کي ڪلين چٽ ڏني وڃي ٿي پر رضاڪاراڻي طور رقم واپس وٺڻ نيب آرڊيننس جي نظريي جي خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ ڪرپشن جو اعتراف ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي نيب کان 10 ڪروڙ تائين ڪرپشن ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

عدالت چيئرمين نيب، اٽارني جنرل ۽ سمورن ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيسز جاري ڪندي نيب اختيارن بابت ريفرنس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي اماڻي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*