لاهور جي عدالت حميرا ارشد جي پٽ کي عارضي طور تي سندس حوالي ڪري ڇڏيو

lhr humara arshad

لاهور جي عدالت حميرا ارشد جي پٽ کي عارضي طور تي سندس حوالي ڪري ڇڏيو.

لاهور جي سيشن ڪورٽ ٻارڙو حوالگي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته نينگر احمد بٽ بدران سندس ماءُ حميره ارشد حوالي ڪيو وڃي.

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته  23 سيپٽمبر تي فيملي ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين ٻارڙو حميره ارشد وٽ هوندو.

واضح رهي ته حميره ارشد سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي  هئي ته سندس اڳوڻو مڙس احمد بٽ ٻارڙي کي زبردستي کڻي ويو آهي، ان کي سندس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*