دادو ۾ 11 ورهين جي شاگرد کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu student

دادو ۾ 11 ورهين جي شاگرد کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

استادن ۽ شاگردن عبدالحئي، ماجد حسين برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته سورج آباد پاڙي مان 11 سالن جي شاگرد ذيشان برهماڻيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي شهرين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري .

هنن چيو ته پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو، جنهن مان لڳي ٿو ته پوليس رشوت عيوض جوابدار کي آزاد ڪرڻ چاهين ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري شاگرد کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*