لاڙڪاڻي ۾ جوابدارن پاران هڪ دڪاندار کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف واپارين ڪارورباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkna jina pro

لاڙڪاڻي ۾ جوابدارن پاران هڪ دڪاندار کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف واپارين ڪارورباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پاڪستان چوڪ واري علائقي ۾ هڪ دوڪان تي جوابدارن ۽ دڪاندار عبدالمجيد شيخ ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي جوابدارن واپاري کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي خلاف واپارين شهر جي مختلف علائقن جا ڪاروباري مرڪز بند ڪري ريلي ڪڍي پاڪستان چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن چيو ته جوابدارن دڪاندارن عبدالمجيد کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي، شهر ۾ دوڪانن تان ڦر جا واقعا به وڌي ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته واپاري کي مارڪٽ ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري  دڪاندارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

احتجاج دوران لاڙڪاڻي جي ميئر اسلم شيخ واپارين کي خاطري ڪرائيندي معاملو فيصلي ذريعي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جنهن کانپوءِ واپارين احتجاج ختم ڪري ڪاروباري مرڪز کولي ڇڏيا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*