راضيديرو ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

ghambat

راضيديرو ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، مارجي ويل  عدالت ۾ حاضري لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته هٿيار بندن مٿن حملو ڪيو، وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنيل ڌرڻو پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد ختم ڪري ڇڏيو.

راضيديري وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ غلام حسين شيخ سندس پٽ علي رضا ۽ ڀائٽيو همٿ علي شيخ ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته عابد شيخ زخمي  ٿي پيو.

واقعي کانپوءِ هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي وارثن واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو.

گمبٽ اسپتال ۾ زخمي عابد شيخ کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جوڻيجا برادري جو سيال برادري جي ماڻهن سان زمين جي مالڪي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جو عدالت ۾ ڪيس به هلندڙ آهي.

مقتول ۽ زخمي ٿيل ڳوٺاڻا ڪيس جي ٻڌڻي تي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته جوابدارن 3 ڄڻن کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.

مقتولن جي وارثن جوادبارن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو.

ڊي ايس پي اڳڙا ڌرڻي تي ويٺل ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، اهڙي خاطري بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*