قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي تي ايم ڪيو ايم سان راهون جدا ٿي ويون، هن وزيراعظم کي پارت ڪئي آهي، متحده کي وفاق ۾ وزارتون ملن ته کيس خوشي ٿيند

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي تي ايم ڪيو ايم سان راهون جدا ٿي ويون، هن وزيراعظم کي پارت ڪئي آهي، متحده کي وفاق ۾ وزارتون ملن ته کيس خوشي ٿيندي.

سکر ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي، جيڪا پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته متحده اڳواڻن جي ملاقات کان اڳ هن وزيراعظم کي سندن پارت ڪئي، جيڪڏهن متحده وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿئي ٿي ته کيس خوشي ٿيندي.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان سنڌ ۾ سياست ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀل ڪري، ڪجهه وڏيرا سندس ساٿ به ڏيندا ۽ هو 40 -50 هزار ماڻهو به گڏ ڪري سگهي ٿو پر هو سنڌ ۾ سياست کان اڳ نئين صوبن بابت پاليسي واضح ڪري.

اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته ڌرڻن سان ملڪ کي نقصان پهچي ٿو، هن شاهه محمود قريشي کي ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي آهي، ٻئي ڌريون چاهين ته پ پ وچ وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشِيد شاهه چيو ته هن پارليامنٽ ۾ بجلي ۽ تيل اگهن وارو مطالبو اٿاريو، جنهن جي موٽ ۾ سرڪار پئٽرول، ڊيزل ۽ بجلي سستي ڪئي پر سندس خيال ۾ اڃا به پئٽرول ۽ 6  ڊيزل 8 رپيا في ليٽر، جڏهن ته بجلي 3 رپيا في يونٽ سستي ٿي سگهي ٿي.

سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي بابت پچيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان حوالي سان کيس ڪا خبر ناهي، اڃا تائين  ساڻس ان حوالي سان ڪا به مشاورت ناهي ڪئي وئي.

خورشيد شاهه اعتراف ڪيو ته سنڌ ۾ بهتر حڪمراني وارو معاملو آهي، بلاول ڀٽو زرداري به ان ۾ دلچسپي وٺي پيو، اميد ته صورتحال ۾ بهتري ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*