شهباز شريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو ڪري سندس خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

 پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ وفاق المدارس سان فون تي رابطو ڪري سندن خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ٽنهي اڳواڻن مدرسن بابت اهم اجلاس اڱاري تي گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

حڪومت پاران، 21 هين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي قيام بابت مذهبي جماعتن جا خدشا ختم ڪرائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ وفاق المدارس جي سربراهه حنيف جالنڌري سان فون تي رابطو ڪيو.

ذريعن موجب، ٽنهي اڳواڻن ديني مدرسن بابت اجلاس اڱاري ڏينهن گهرائڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن ۾ سمورين مذهبي پارٽين جي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان ۽ حنيف جالنڌري، شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته ٻين صوبن ۾ مدرسن خلاف ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالهايو وڃي.

شهباز شريف، خاطري ڪرائي ته هو ان سلسلي ۾ اڄ ئي وزيراعظم سان ڳالهائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*