پ پ اڳواڻ امتياز شيخ چيو آهي ته سياسي فنڪشنل ليگ ۾ سياست محدود ٿي وڃڻ ڪري هن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي

shikarpur shaikh

پ پ اڳواڻ امتياز شيخ چيو آهي ته سياسي فنڪشنل ليگ ۾ سياست محدود ٿي وڃڻ ڪري هن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، پي ايس 11 تي ٻيهر ڪامياب ٿي عوام جي ڀرپور خدمت ڪندس.

امتياز شيخ  شڪارپور جي تڪ پي ايس 11 تي استعيفا ڏيڻ بعد پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان ٻيهر چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو.

ميڊيا سان ڳالهائندي امتياز شيخ چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کيس ٽڪيٽ ڏني آهي ۽  پي ايس 11 ٻيهر ڪياب ٿي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ويندي.

امتياز شيخ چيو ته فنڪشنل ليگ ۾ سياست محدود هئڻ ڪري هن پارٽي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، پارٽي قيادت به مٿس ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

امتياز شيخ  وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي گهر جو گهيراءُ ڪرڻ سٺو عمل ناهي، هو ذاتي طور ان جي خلاف آهي، باقي پارٽي قيادت ان بابت جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪنداسين.

پي ايس 11 تي چونڊ وڙهڻ لاءِ جي يو آءِ جي پليٽ فارم تان ناصر محمود سومرو به نامزدگي فارم جمع ڪرايو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*