حيدرآباد ۾گذريل ڏينهن مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين مان هڪ جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو

hyd dharno

حيدرآباد ۾گذريل ڏينهن مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين مان هڪ جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو، وارثن الزام هنيو ته پوليس نوجوان کي 29 آگسٽ تي گرفتار ڪري 5 لک رپيا رشوت طلب ڪئي، جيڪا نه ڏيڻ تي کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو  آهي.

سخي پير ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري ستار اوڏ ۽ زاهد عرف گڊو پنهور کي مارڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي هئي.

مارجي ويل ستار اوڏ جي وارثن لاش ريڊيو پاڪستان جي آفيس آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين الزام هڻندي چيو ته نوجوان ستار اوڏ کي 29 آگسٽ تي پوليس گهران گرفتار ڪيو هو ۽ ان بعد نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ پوليس پاران 5 لک رپيا رشوت طلب ڪئي وئي.

هنن چيو ته رشوت نه ڏيڻ تي پوليس نوجوان کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو آهي، واقعي جي درست نموني جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*