ڪيميائي هٿيارن تي نظر رکندڙ عالمي تنظيم جي سربراهه احمد اوزومجو چيو آهي ته شام ۾ حڪومتي فورسز پاران مخالفن تي ڪلورين گيس جي حملي واريون رپورٽس پريشان ڪندڙ آهن، جن جي جاچ ڪئي ويندي

SYRIA-CHEMICAL-WEAPONS-8916

ڪيميائي هٿيارن تي نظر رکندڙ عالمي تنظيم جي سربراهه احمد اوزومجو چيو آهي ته شام ۾ حڪومتي فورسز پاران مخالفن تي ڪلورين گيس جي حملي واريون رپورٽس پريشان ڪندڙ آهن، جن جي جاچ ڪئي ويندي.

ڏکڻ ڪوريا جي راڄڌاني سيئول ۾ ڳالهائيندي احمد اوزومجو جو چوڻ هو ته 24 آگسٽ تي گڏيل جاچ ميڪنزم جي ٽين رپورٽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ چوٿين رپورٽ هلندڙ هفت يجمع ڪرائي ويندي.

شام جي ريسڪيو ورڪر گروپ سيرين سول ڊفينس الزام مڙهيو هو ته حڪومتي هيليڪاپٽرن ذريعي 6 ڊسمبر تي حلب ۾ ڪلورين گيس وارا بيرل بم اڇلايا ويا هئا، جنهن ڪري 80 ماڻهن کي ساهه جي تڪليف ٿي وئي هئي، جن مان هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو هو.

ڪيميڪل هٿيارن تي نظر رکندڙ تنظيم او پي سي ڊبليو جي سربراهه جو چوڻ هو ته ڪلورين گيس جي استعمال واريون خبرون پريشان ڪندڙ آهن ۽ ان معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ۽ حقيقتون رپورٽ ۾ شامل ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*