شام ۽ ترڪي جي سرحد تي داعش جي دهشتگردن ۽ ترڪ فوج وچ ۾ ويڙهه جاري

SYRIA-ALEPPO-ATTACKS-8916

شام ۽ ترڪي جي سرحد تي داعش جي دهشتگردن ۽ ترڪ فوج وچ ۾ ويڙهه جاري آهي، جنهن جون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيون ويون آهن.

داعش پاران جاري ڪيل ويڊيو ۾ ٻن ٽينڪن کي تباهه ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن بابت داعش جي ويڙهاڪن جي دعويٰ آهي ته اهي ٽينڪ شامي سرحدي علائق الراءِ تي مورچابند هيون جن کي راڪيٽن سان نشانو بڻايو ويو، پر ترڪ حڪومت اهڙي ڪنهن به واقعي جي تصديق نه ڪئي آهي.

روس جي اتفاق کانپوءِ ترڪي ڪجهه ڏينهن اڳ شام ۾ داعش خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون  هيون، جن کي شامي باغين جي حمايت به حاصل  آهي.

ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل اميچوئر ويڊيو ۾ حلب صوبي جي السڪاري واري علائقي ۾ بمباري کانپوءِ شهرين جي محفوظ هنڌن ڏانهن ڀاڄ نظر اچي رهي آهي.

ويڊيو ۾ هر طرف دونهون پکڙيل نظر اچي رهيو آهي، جنهن بعد ڪجهه ماڻهو ڀڄندي ۽ ڪجهه زخمي مدد لاءِ دانهون ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

شام جي شهري بچاءَ موجب سرڪاري هيليڪاپٽرن بيرل بم ڪيرايا آهن پر شامي فوج اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*