پيرس حملن جي شڪي جوابدار صالح عبدالسلام کي فرانس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي

ABDESLAM-HEARING-8916

پيرس حملن جي شڪي جوابدار صالح عبدالسلام کي فرانس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.

26 سالن جي صلاح عبدالسلام کي مارچ ۾ بيلجيم مان گرفتار ڪرڻ بعد مٿس ڪيس هلائڻ فرانس منتقل ڪيو ويو هو، مئي مهيني ۾ پهرين ٻڌڻي دوران جوابدار سوالن جا جواب ڏيڻ بدران خاموشي اختيار ڪئي هئي.

پيرس جي ڪورٽ پهچڻ وقت جوابدار صلاح عبدالسلام جي وڪيل فرينڪ برٽن جو چوڻ هو ته هو نٿو ڄاڻي ته هن ٻڌڻي ۾ سندس اصيل سوالن جا جواب ڏيندو يا نه.

گذريل سال 13 نومبر تي پيرس جي بيٽڪلان ڪنسرٽ هال سميت مختلف هنڌن تي دهشتگرد حملن ۾ 130 ڄڻا مارجي ويا هئا، عبدالسلام تي شڪ آهي ته هو به منصوبابندي ڪرڻ ۾ شامل هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*