مڪلي ويجهو گذريل ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل لياري گينگ وار جي جوابدار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

thatta dead body

مڪلي ويجهو گذريل ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل لياري گينگ وار جي جوابدار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هو.

مڪلي ويجهو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل لياري گينگ وار جي ڏوهاري ساجد کتري جو لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري ساجد کتري جو تعلق لياري گينگ وار جي استاد تاجو گروپ سان آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل  ڏوهاري ساجد کتري  ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*