امريڪا جي ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولادمير پيوٽن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پيوٽن صدر اوباما کان بهتر ۽ وڏو اڳواڻ آهي

USA-ELECTON-TRUMP-FORUM-8916

امريڪا جي ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولادمير پيوٽن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پيوٽن صدر اوباما کان بهتر ۽ وڏو اڳواڻ آهي. جڏهن ته ڊيموڪريٽ اميدوار هليري ڪلنٽن چيو آهي ته عراق ۾ جنگ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ غلطي هئي.

نيويارڪ ۾ فوجي معاملن جي ماهرن تي ٻڌل هڪ فورم ۾ سوالن جوابن دوران ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر جي وڏي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو صدر چونڊجي صدر پيوٽن سان سٺا ناتا رکڻ چاهيندو.

ٽرمپ جو چوڻ هو ته پيوٽن داعش کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن امريڪا جا روس سان سٺا ناتا هجن ها ته داعش خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهجي پئي.

هن چيو ته امريڪا ۾ هليري ڪلنٽن آهي، جيڪا سرڪاري ڪم لاءِ ذاتي اي ميل استعمال ڪري ٿي ۽ وري 33 هزار اي ميلز ڊيليٽ ڪري ٿي.

ڊيموڪريٽ پارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن به فورم دوران پرڏيهي وزارت دوران سرڪاري ڪمن ڪارن لاءِ ذاتي اي ميل استعمال ڪرڻ تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪندي چيو ته هن جيڪي اي ميلز ذاتي اڪائونٽ ذريعي ڪيون هيون انهن مان ڪابه ٽاپ سيڪريٽ، سيڪريٽ، ڪانفيڊنشل نه هئي ۽ انصاف کاتي به ان جي تصديق ڪئي آهي.

هليري ڪلنٽن جو چوڻ هو ته عراق ۾ جنگ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ غلطي هئي، هن وقت امريڪا زميني فوج جي استعمال کانسواءِ داعش کي شڪست ڏيڻ واري جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ دهشتگرد تنظيم جي سربراهه کي نه ڇڏيو ويندو، جيئن افغانستان ۽ پاڪستان ۾  القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جو پيڇو ڪيو هو، اهڙي نموني ئي مسئلو حل ڪري سگهبو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*