ڏکڻ اوڀر ملڪن جي تنظيم آسيان جي سيڪريٽري جنرل لــِي لائونگ مــنهه چيو آهي ته ڏکڻ چيني سمنڊ واري تڪرار تي تنظيم امريڪا توڙي چين مان ڪنهن جي به حمايت نه ڪندي

ASEAN-SUMMIT-SECRETARY-GENERAL-8916ڏکڻ اوڀر ملڪن جي تنظيم آسيان جي سيڪريٽري جنرل لــِي لائونگ مــنهه چيو آهي ته ڏکڻ چيني سمنڊ واري تڪرار تي تنظيم امريڪا توڙي چين مان ڪنهن جي به حمايت نه ڪندي.

 10 ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان جي اجلاس کان اڳ  رائٽرز کي انٽرويو ڏيندي لي لائونگ جو چوڻ هو ته چين ۽ امريڪا آسيان جا اهم پارٽنر آهن ۽ تنظيم ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو پاسو نٿي کڻي سگهي.

آسيان جي سربراهه جو چوڻ هو ته تڪرار تي سندن موقف 6 نقاطي اصولن پٽاندڙ آهي، جنهن تحت قومي قانون جو احترام، سمنڊ بابت 1992ع واري گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي فرمانبرداري ڪرڻ ۽ تڪرارن جي پرامن نبيرو شامل آهي.

ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان جي اجلاس ۾ به ڏکڻ چيني سمنڊ جو معاملو ڇانيل آهي، فلپائن، ويٽنام، ملائيشيا ۽ برونائي پاران سمنڊ تي دعويٰ جي حمايت امريڪا به ڪري ٿو، جيڪو خطي ۾ چين جي مخالف ملڪن جو اتحادي آهي، جنهنڪري خطي ۾ وڏي ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*