لائوس ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان جو سربراهي اجلاس جاري آهي، امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته چين کي ڏکڻ چيني سمنڊ بابت عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرڻ پوندو

Obama-8916

لائوس ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان جو سربراهي اجلاس جاري آهي، امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته چين کي ڏکڻ چيني سمنڊ بابت عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرڻ پوندو.

لائوس ۾ امريڪي صدر اوباما اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي ٽياڪڙي عدالت فيصلي ۾ خطي جي سامونڊي حقن کي واضح ڪيو آهي ۽ چين ڏکڻ چيني سمنڊ تي پنهنجي اجائي دعويٰ جي ڪري عدالتي فيصلي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي جيڪا خطي جي سلامتي لاءِ خطرو آهي ۽ هو اها ڪوشش ڪري ريها آهن ته ڪهڙي نموني تعميري ڳالهين سان گڏجي ڇڪتاڻ ختم ڪري سفارتڪاري ۽ استحڪام کي اڳتي وڌايو وڃي.

 فلپائن ڏکڻ چيني سمنڊ تي چين جي دعويٰ خلاف عالمي عدالت ۾ فرياد ڪيو هو، پر چين ان حوالي سان عالمي عدالت جي اختيارن کي رد ڪندي ان آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

هلندڙ سال جواءِ ۾ هيگ عدالت فيصلو ٻڌايو هو ته ان ڳالهه جا ڪي به ثبوت نه مليو آهن ته چين تاريخي اعتبار سان ان خطي تي خاص طور تي سمنڊ ۽ وسيلن تي ڪنٽرول رکيو هجي، اهو ساليانو 50 کرب جي عالمي تجارت جو گذرگاهه آهي پر ان سمنڊ تي چين جي دعويٰ جي ڪا قانوني حيثيت نه آهي.

چين جو الزام آهي ته امريڪا پنهنجي فوج جي هوائي ۽ سامونڊي سرگرمين سان ڏکڻ چيني سمنڊ جي تڪرار کي عسڪري رنگ ڏئي رهيو آهي. فلپائن کانسواءِ ويٽنام، ملائيشيا ۽ برونائي به هن سامونڊي علائقي جا دعويدار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*