قمبر ڀرسان ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
قمبر ڀرسان ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
شهدادڪوٽ روڊ تي نور واهه ڀرسان موٽرسائڪل کي تيز رفتار ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾نوجوان خوشحال مگسي فوت ٿي ويو ۽ عورت سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
پوليس نوجوان جي لاش ۽ زخمين کي قمبر سول اسپتال پهچايو، جتي ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو.