اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نعمان کوکر جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي

isb fahad muder

اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار نعمان کوکر جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي جڊيشل رمانڊ تي 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪلي ڏيو جڏهن ته جوابدار راجا ارشد کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس ۾ جوابدارن راجا ارشد ۽ نعمان کوکر کي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن جو وڌيڪ رمانڊ ڏنو وڃي.

فريادي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدارن وٽان گاڏي ۽ موبائيل برآمد ڪرڻو آهي، جوابدار پيشور ڏوهاري آهن، سندن دهشتگردي ايڪٽ تحت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏئي سگهجي ٿو.

جوابدارن جي وڪيل اعتراض واريندي چيو ته ايترو گهڻو رمانڊ حاصل ڪرڻ باوجود اڃا تائين ڪئين ڪجهه برآمد نه ڪيو ويو آهي.

عدالت جوابدار راجا ارشد کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي جوابدار نعمان کوکر جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*